اثر سنڌي

اثر سنڌي: شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي آهي. 15 آگسٽ 1959ع تي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول جهمپير مان 1970ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهمپير مان 1975ع ۾ ڪيائين، انٽر گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان 1977ع ۾ ۽ گريجوئيشن سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان 1987ع ۾ ڪيائين، جڏهن ته ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ، مان ورتائين.
اثر سنڌي شاعريءَ جي شروعات 1975ع کان ڪئي، هڪ سٺو شاعر آهي، کيس علم عروض ۽ ڇند وديا تي به دسترس حاصل آهي. ڪالم نگار ۽ صحافي به آهي. هن 1987ع ۾ ’سرسوتي‘ مئگزين جا 6 پرچا ڪڍيا. سنڌي ادبي سنگت شاخ جهمپير جو اهم ڪارڪن رهيو آهي. سندس تعلق صحافتي حوالي سان روزاني ڪاوش اخبار سان هڪ وڏي عرصي کان رهيو آهي. کيس 2004ع ۾ علائقائي ٻولين ۾ بهترين ڪالم نگار جو، آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽيءَ جو اوارڊ به ملي چڪو آهي. اثر سنڌيءَ روزاني اخبار ڪاوش ۾ ٻولي، تعليم ۽ ٻين اهم موضوعن تي برجستا ايڊيٽوريل به لکيا آهن ۽ لکندو رهي ٿو. هن ڪي. ٽي. اين جي پروگرام ’اپٽار‘ ۾ سماجي، سياسي موضوعن تي بحث ۾ حصو ورتو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪي ٽي اين نيوز تي نفسياتي مونجهارن ۽ انهن جي حل بابت پروگرام ”بليڪ اينڊ وائيٽ“ جون 36 قسطون نشر ڪري چڪو آهي.
اثر سنڌي (عزيز سولنگي) 1980کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي ۾ استاد آهي، هن وقت اتي سنڌي مضمون جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي .


لفظ اثر سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو